اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ قومي ران??ين جي مقابلن جو انعقاد پاڪستاني قوم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان ??هي، هي ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ دهشت پکيڙيندڙن کي کليل پيغام آهي ته پاڪستاني بهادر قوم مشڪلن کي شڪست ڏئي پنهنجو رستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هن پاڪستان ??ي 34 هين ران??ين جي قومي مقابلن جو افتتاح ڪيو، ڪوئيٽا ۾ 19 سالن کانپوءِ اهي رانديون منعقد ٿي رهيون آهن. هن چيو ته منهنجي لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته انهن ران??ين جو افتتاح قائداعظم محمد علي جناح 1948ع ۾ ڪيو هو ۽ اڄ مون کي بطور خادم پاڪستان ??نهن ران??ين جي شروعات ڪرڻ جو موقعو مليو، اڄ جو ڏينهن ان لاءِ به انتهائي اهميت رکندڙ آهي ته انهن ران??ين جو انعقاد پاڪستاني قوم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان ??هي. وزيراعظم چيو ته پوري ملڪ مان ??يل 6000 رانديگرن سان ڀريل ايوب اسٽيڊيم ست??رن جي هڪ ڪهڪشان ??و منظر پيش ڪري رهيو هو، مون کي اهو ڄاڻي تمام گهڻي خوشي ٿي ته انهن مقابلن ۾ عورت رانديگرن جو وڏو انگ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان ??ون باصلاحيتون عورتون ڪنهن به ميدان ۾ مردن کان ڪنهن به طرح پٺتي نه آهن. هن چيو ته انهن ران??ين جو انعقاد ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ دهشت پکيڙيندڙن کي کليل پيغام آهي ته پاڪستاني قوم هڪ بهادر قوم آهي جيڪا مشڪلن کي شڪست ڏئي پنهنجو رستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿي.
ڪوئيٽا ۾ قومي راندين جي مقابلن جو انعقاد پاڪستاني قوم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب