اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ ڪوئيٽا ويجهو بليلي جي علائقي ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس جي گاڏي تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي فوري جانچ جي هدايت ڪئي آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن واقعي ۾ پوليس اهلڪار سميت هڪ ٻار جي شهادت تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته پوليو اهلڪار ملڪ مان ان موذي مرض جي خاتمي لاءِ پنهن??ي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ اهي فرض سرانجام ڏئي ره??ا آهن، جنهن تي آئون انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شرپسند عنصر ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي ان مهم کي روڪڻ ۾ سدائين ناڪام رهندا ۽ پاڪستاني قوم قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پوليو اهلڪار شرپسند عنصرن جي اهڙي ڪڌي ڪوشش کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏي??دا. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان پوليو جو مڪمل خاتمو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آه??. حڪومت ملڪ مان پوليو جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندي، مون سميت سموري قوم جون همدرديو?? شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آه??. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن ??ي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
وزيراعظم پاران ڪوئيٽا ويجهو بليلي جي علائقي ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس جي گاڏي تي ڌماڪي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado