اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اهتمام هيٺ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي اسلام آباد، مظفرآباد ۽ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي ٻين شهرن ۾ ڀا??ت جي خلاف ڀرپور مظاهرا ڪيا ويا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اڳواڻن شيخ عبدالمتين، سيد يوسف نسيم، مشتاق احمد بٽ، زاهد اشرف، گلشن اقبال، مشتا?? الاسلام، شهزاد واني، انجنيئر محمود مشتاق ۽ دائود يوسف زئي ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور، ??اهور، ??ظفرآباد، ميرپور ۽ ڪوٽلي ۾ احتجاجي مظاهرن دوران چيو ته ڀا??ت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بدترين رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته علائقي ۾ وڌندڙ رتوڇاڻ ڀا??تي فورسز کي ڏنل بي لغام اختيارن جو نتيجو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀا??ت والاريل علائقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪري اتان جي مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ چاهي ٿو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اڳواڻن ڀا??تي فوجين جي هٿان ڪشميري نوجوانن جي عدالت کان مٿانهون قتل تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڀا??ت والاريل علائقي ۾ نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. هن عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته اها والاريل علائقي مان ڀا??تي فوجين جي انخلا، سمورن ڪارن قانو??ن کي ملتوي ڪرڻ ۽ سمورن بيگناهه ڪشميري نظربند ٿيلن جي آزادي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جي اهتمام هيٺ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي اسلام آباد، مظفرآباد ۽ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي ٻين شهرن ۾ ڀارت جي خلاف ڀرپور مظاهرا
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis