اسلام آباد – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي حڪومت ??وڏ متاثر ماڻهن جي امداد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي. هن اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سي?? مراد علي شاهه سان ملاقات ۾ چئي. اجلاس ۾ اطلاعات وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايف بي آر چيئرمين، ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ سينئر آفيسر شريڪ ??يا. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سنڌ جي وڏي وزير سي?? مراد علي شاهه سنڌ ۾ ??وڏ جي صورتحال ۽ بحالي جي ڪمن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير ناڻي واري وزير کي غير معمولي ??وڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ ??وڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه ڪيو، ناڻي واري وزير ??وڏ جي تباهڪارين سبب پيدا ٿيل هن مشڪل گهڙي ۾ وفاقي حڪومت ، سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، هن ??وڏ متاثر ماڻهن جي رليف، بحالي ۽ صوبي جي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جي مڪمل سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي.
وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ سنڌ حڪومت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ