اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته سموريون عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسيون پاڪستان جي معيشت ۾ واڌ جو اعتراف ڪري رهيون آهن، مسلم ليگ (ن) پنهجي حڪومت جي آخري سال واڌ جي شرح 5.4 سيڪڙو ڏيکارڻ جي لاءِ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا اڌ ڪيا، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر ۽ گردشي قرض 450 ارب روپين تائين وڌايو، ضياءُ الحق کي پنهنجو والد چوڻ وارا ان جي دور جو حساب ڏين. قومي اسيمبلي ۾ احسن اقبال جي اعتراض واري نقطي تي جواب ۾ حماد اظهار چيو ته هي پارليامينٽ سڀني کان وڏو فورم آهي، مخالف ڌر جي مباحثي جي چئلينج جو جواب انهي فورم تي دليلن ??ان ڏئي سگهون ٿا، هن چيو ته جڏهن مخالف ڌر وٽ دليل خ??م ٿي ويندا آهن ته هو هتي رٽيل تقريرون ٻڌائيندي آهي، ا??ان ڪووڊ -19 جي وبا جي باوجود معيشت جي واڌ جي شرح کي 5.37 سيڪڙو تائين پهچايو، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي دور ۾ 20 ارب ڊالر جو واپاري خسارو ڇڏيو، سرڪلر ڊيٽ 450 ارب روپين تائين وٺي وئي، ٻاهريان قرض کڻي هنن گروٿ 5.4 سيڪڙو ڏيکاري، انهن جي حڪومت ۾ شامل ماڻهو اهو چوندا هئا ته معيشت ان مقام تي پهچي چڪي آهي ته ايندڙ حڪومتون ان کي سنڀالي نه سگهندا. هن چيو ته ا??ان جي حڪومت 2 ارب ڊالر ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ا??ان 5.37 سيڪڙو واڌ تي پهتا آهيون ۽ هن سال ان ۾ به اض??فو ٿيندو، ا??ان جي روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذّخيرن ۾ اض??فو ٿيو آهي، پوري دنيا جي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسيون ا??ان جي معاشي واڌ جو اعتراف ڪري رهيون آهن، اڪانومسٽ پاڪستان جي معيشت کي دنيا جي ٽن وڏين معيشتن ۾ شامل ڪيو آهي، هن چيو ته هتي آمرن جي دور جو جواب نه ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي جڏهن ته انهن مان جنرل ضياءُ الحق جي دور کي ڪڍيو ويو، ان کي پنهنجو والد چوڻ وارا ان جي دور جو جواب ڏين، ان کان اڳ احسن اقبال اعتراض واري نقطي تي چيو ته ملڪ ۾ صدارتي نظام جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ا??ان آئين جو تحفظ ڪنداسين، پارلياماني نظام حڪومت ۾ حڪومتون عوام ۽ پارليامينٽ کي جوابده آهن جڏهن ته صدارتي نظام ڪنهن طور تي عوام جي مفاد ۾ نه آهي، ان معاملي تي ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي، هن چيو ته ٻيون قومون جمهوري تسلسل جي ڪري ترقي ڪئي جڏهن ته ا??ان مختلف تجربن ??ان پنهنجو نقصان ڪيو، سڀني کي گڏجي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان جي ترقي جو واحد رستو آئين جي عملداري آهي، ڪو فرد يا ادارو ايترو طاقتور نه آهي ته هو اڪيلو ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي، ان جي لاءِ اجتماعي ڪوششن ۽ جامع گورننس ج?? ضرورت آهي، پارلياماني نظام ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر اختلاف راءِ باوجود ٻه ڦيٿا بڻجي ملڪ کي هلائيندا آهن، ا??ان کي آئين جي ڏنل روح موجب هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سموريون عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسيون پاڪستان جي معيشت ۾ واڌ جو اعتراف ڪري رهيون آهن: حماد اظهر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا