لاهور – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي بر??انيا جي دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان بر??انيا جي ڪامياب دوري تي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم چيو ته عوام ??ي ڀلائي ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پنجاب جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته هو بر??انوي پارليامينٽ جي اسپيڪر، وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ لارڊز سميت هڪ سئو کان و??يڪ شخصيتن سان مليو ۽ سڀني افغان امن عمل ۾ پاڪستاني ڪردار کي ڀرپور ساراهيو آهي. گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته 20 کان و??يڪ برطانوي پارليامينٽ ميمبر جلد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بر??انوي پارليامينٽ ميمبرن پاڪستان جي بلين ٽري منصوبي ۽ ڪورونا وبا دوران پاڪستاني قدمن کي پڻ ساراهيو.
پاڪستان امن سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش