اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي دوري جي موقعي تي تاجڪستان جي صدر امام علي ر??مان سان ملاقات ڪئي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مضبوط معاشي حصيداري جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي ر??بطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آه??. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ڪاسا 1000 منصوبي تي عملدرآمد جو جائزو پڻ ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي بندرگاهن جي ذريعي تاجڪستان جي لا??ِ علائقائي انضمام ?? رابطن تي روشني وڌي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان کي افغانستان ۾ انسا??ي صورتحال جي ڪري درپيش چئلينجز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علي چيو ته پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ عدم استحڪام جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا. هن تاجڪستان جي صدر کي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. صدر چيو ته افغان معيشت کي بچائڻ جي لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا غيرمنجمند ڪرڻ جي ضرورت آه??. صدر چيو ته سمورن افغانين جي حقن جو احترام ?? افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ضروري آه??. هن چيو ته افغانستان ۾ امن، مفاهمت ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان ۽ تاجڪستان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??. صدر چيو ته افغانستان ۾ پائيدار امن خطي ۾ واپار ۽ معاشي موقعا فراهم ڪندو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن موجوده ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena