ڪابل-21 سيپٽمبر (اي پي پي) افغانستان جي سڌ سماءَ بابت نائب وزير ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته افغانستان ۾ استحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ وزيراعظم عمران خان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، موجوده حڪومت کي عبوري تصور ڪيو وي??دو، افغان ۾ داعش موجود ناهي. افغانستان جي گاديءَ واري شهر ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ اڃا ڪابينه جي جوڙجڪ مڪمل نه ٿي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ ماڻهن کي شامل ڪيو وي??دو، اسان هڪ گڏيل ۽ جامع حڪومت جي جوڙجڪ طرف وڌي رهيا آهيون، جن ۾ عورتن کي پڻ اهم عهدا ملندا، جڏهن ته ملڪ ۾ نياڻين لاءِ جلد اسڪول کوليا وي??دا. هن چيو ته عبوري ڪابينه ۾ مختلف مسلڪن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شامل ڪيو وي??دو. عالمي ??رادري افغانستان جي حڪومت کي تسليم ڪري جڏهن ته افغان حڪومت کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ صرف تنقيد ڪرڻ هڪ طرفي سوچ ??هي. هن چيو ته قطر، پاڪستان ۽ چين جهڙا ملڪ افغانستان ۾ استحڪام جي ڪوششن لاءِ سرگرم آهن، طالبان چاهين ٿا ته افغانستان ۾ ڪابه پرڏيهي مداخلت نه ٿئي، جڏهن ته سهڪار جي آجيان ڪئي وي??دي. هن افغانستان ۾ حڪومت جي حوالي سان پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي بيان کي هاڪاري ردِعمل جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان، قطر ۽ ٻيا جيڪي به ملڪ افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهن اهي افغانستان ۾ سياسي اڳڀرائيءَ جا حمايت ڪندا رهندا ۽ اسان قطر ۽ ٻين ملڪن سان رابطي ۾ آهيون ۽ جيڪي ملڪ افغانستان ۾ استحڪام لاءِ مدد ڪرڻ چاهين ٿا انهن جي آجيان ڪئي وي??دي. هن چيو ته افغانستان ۾ جلدئي اقتصادي سرگرميون بحال ڪيون وي??ديون. ذبيح الله مجاهد وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ داعش موجود ناهي، جڏهن ته دهشتگردي ۽ بدامنيءَ جا جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن اهي ٽڙيل پکڙيل دهشتگرد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته انهن واقعن جي روڪٿام تي پڻ جلد ضابطو آندو وي????و. ??ن چيو ته افغان عوام ۾ داعش خلاف نفرت موجود ??هي. ننگرهار ۽ جلال آباد جي دهشتگرديءَ جي تازن واقعن جي مذمت ڪندي ذبيح الله مجاهد چيو ته ان سلسلي ۾ ٻن گروپن کي گرفتار ڪيو وي?? ??هي. هن چيو ته عورتن جا تحفظات ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڪجهه وقت گُهربل آهي، عورتن ۽ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان حڪومت پاران قدم کنيا پيا وڃن ۽ نياڻين جا اسڪول جلد کوليا وي??دا. ان موقعي تي هن عبوري ڪابينه جي ميمبرن جي نالن ۽ انهن کي ڏنل قلمدانن جو پڻ اعلان ڪيو.
افغانستان ۾ استحڪام ۽ امن جي قيام لاءِ وزيراعظم عمران خان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن، موجوده حڪومت کي عبوري تصور ڪيو ويندو، افغان ۾ داعش موجود ناهي: افغانستان جي سڌ سماءَ بابت نائب وزير ذبيح الله مجاهد
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ