اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته گرين لائين کي طئي ٿيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ ??ي يقيني بڻايو وڃي ۽ سنڌ پئڪيج تحت منصوبن تي پڻ ڪم ۾ تيزي آندي وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان م??جب وزيراعظم سان سنڌ سان تعلق رکندڙ ق??مي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شا??ه محمود قريشي، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، ق??مي اسيمبلي ميمبر غوث ??خش مهر، صوبائي اسيمبلي ميمبر علي گوهر مهر ۽ صفدر عباسي شريڪ هئا. ان موقعي تي ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي صورتحال خاص طور تي امن امان ۽ ڪوروان جي صورتحال ۽ عوام کي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ سنڌ ۾ وفاق جي جاري ترقياتي منصوبن تي سنڌ صوبي جي پهرين وڏي ٽرانسپورٽ منصوبي گرين لائين تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم گرين لائين کي مقرر ڪيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ ??ي يقيني بڻائڻ ۽ سنڌ پئڪيج تحت منصوبن تي پڻ تيزي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
گرين لائين کي طئي ٿيل مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے