بيجنگ – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان دنيا جو مستقبل آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبو بنيادي طور تي ڪجهه رستن ۽ پاور پراجيڪٽس جو منصوبو هو پر هاڻي ان کي وڌيڪ شعبن تائين توسيع ڏني پئي وڃي ته جيئن گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي، زراعت پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ چين مان فائدو کڻڻ چاهي??ن ٿا ته جيئن ٽيڪنالاجي جي تعليم جي فروغ سان ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهون، پاڪستان دنيا جي انهن سمورن ترقي يافته ملڪن ۾ شامل آهي جتي ??وسمياتي تبديلي جي حوالي سان انقلابي قدم کنيا ويا آهن. بيجنگ ۾ منعقد انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته چين جو هي منهنجو ٻيو دورو آهي، پهرين دوري جي موقعي تي ??ون ۽ منهنجي و??د محسوس ڪيو ته چين سان اسان جا رشتا تمام مضبوط آهن پر هن ڀيري انهن ۾ وڌيڪ سگهه ۽ استحڪام آيو آهي.
پاڪستان دنيا جو مستقبل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil