اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته رپورٽ جي آءِ ٽي کي ڏيڻي آهي ۽ ان رپورٽ ۾ حمد بن جاسم جو بيان به جي آءِ ٽي کي ئي رڪارڊ ڪرائڻو آه??، جيڪڏهن جي آءِ ٽي حمد بن جاسم جو بيان رڪارڊ نه ٿي ڪرائي ته ان ۾ مشڪلاتون پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي لاءِ نه پر جي آءِ ٽي جي لاءِ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حمد بن جاسم چيو ته شريف خاندان ۽ مرحوم محمد شريف جا منهنجي والد سان ڪاروباري لاڳاپ?? هئا ۽ ان کانپوءِ سيٽلمينٽ ڪئي ۽ ان کي هن هڪ خط لکيو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ به ??اخ?? ڪرايو ويو. هن چيو ته ان سڄي معاملي ۾ سڀ کان اهم بيان قطر جي حمد بن جاسم جو آهي جنهن بابت هڪ س??ال اٿي ٿو ۽ اهو س??ال سڀني جي ذهن ۾ اٿي ٿو ته جي آءِ ٽي انهن سمورن ماڻهن کي گهرايو جن جو پاناما پيپرز سان پري تائين ڪو تعلق نه هو پر ان شخص جنهن جي خط کي سپريم ڪورٽ ۾ ??اخ?? ڪرا??ڻ تي اسان جي سياسي مخالفن پاران تمام گهڻي سياست به ٿي ان شخص حمد بن جاسم جي بيان کي جي آءِ ٽي سڀ کان اڳ رڪارڊ ڇو نه ڪرايو.
حمد بن جاسم جي بيان کانسواءِ رپورٽ جي آءِ ٽي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی