اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گئس ڪنيڪشنن تي لاڳو پابندي 6 سالن کانپوءِ هٽائي وئي آ??ي، ايل اين جي ?? آر ايل اين جي کي سسٽم ۾ شامل ڪرڻ سان گئس جي کوٽ تي تمام گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي،. ڪيڊ واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بر??فن?? ڏيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 31 نقاطي ايجنڊا تي تفصيلي بحث ٿيو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت پاران پهريون ڀيرو سبسڊائز ها??وسنگ اسڪيم آندي پئي وڃي، ها??وسنگ واري وزير ان اسڪيم جي حوالي سان ڪابينا کي بر??فن?? ڏني. ڪابينا ها??وسنگ اسڪيم جي مختلف ڪيٽيگرين جو جائزو ورتو. وزيراعظم ان اسڪيم جي حوالي سان ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي آ??ي.
گئس ڪنيڪشنن تي لاڳو پابندي 6 سالن کانپوءِ هٽائي وئي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina