اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چي?? آهي ته پاڪستان بيلاروس کي خطي جو هڪ اهم ملڪ تصور ڪري ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌ??ڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪ چي?? اقتصادي لنگهه منصوبي ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ بيلاروس جي خواهش خوش آئنده آهي، اميد آهي ته ان سان خطي ۾ تر??ي جي رفتار تيز ٿيندي. هن اها ڳالهه جمهوريه بيلاروس جي قومي اسيمبلي جي ايوان نمائندگان جي چيئرمين ولادي مير اينڊري چي??ڪو سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن وفد سميت ساڻس ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين سردار اويس احمد لغاري ۽ سينيئر ??ملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ