نيويارڪ -29 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا وچ ۾ باضابطا طور سفارتي لاڳاپا قائم ٿي ويا. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۾ تقريب جو ??ندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير راڪم ۽ اوڀر ڪيريبين ۾ واقع ويسٽ انڊ??ز جي ٻيٽ جي ملڪ سينٽ لوشيا سان سندس هم منصب مينيسا ريمبالي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي باضابطا بڻائڻ لاءِ سندن حڪومتن طرفان هڪ گڏيل پڌرنامي تي صحيحيون ڪيون ويون. ان موقعي تي پاڪستاني نمائندي ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن دولت مشترڪه سميت گهڻ رخي فورمز تي سهڪار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته باضابط?? لاڳاپن جي قيام سان ٻه طرفي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سياسي سهڪار جي شعبن ۽ سياحت کي هٿي ملندي. ان موقعي تي سينٽ لوشيا جي سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جي هڪ نئين پر اهم باب جي شروعا تي خوشي جو ??ظهار ڪيو. هن چيو ته ويسٽ انڊ??ز جي اڳوڻي اسٽار ڪرڪٽر ڊيرن سيمي جنهن جو ??علق سينٽ لوشيا سان آهي، هڪ اعزازي پاڪستاني شهري به آهي جيڪو سدائين پاڪستان ۽ اتان جي عوام جي مهمان نوازي بابت ڳالهيون ڪندو آهي. سفير تقريب جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستاني نمائندي جو ??ڪريو به ادا ڪيو.
پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا وچ ۾ باضابطا طور سفارتي لاڳاپا قائم
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ