م??نٽ??يال-08 ن??مب?? (اي پي پي) ڪينيڊا جي شاعره روپي ڪور وائيٽ هائوس ۾ ديوالي جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت رد ڪري ڇڏي ۽ ان قدم کي غزه ۾ جاري اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي آمريڪي حمايت جي خلاف احتجاج قرار ڏنو آ??ي. ??رطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ روپي ڪور چيو ته هو اهڙي اداري طرفان ڪنهن به دعوت کي رد ڪري ٿي جيڪو شه??ين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جي حمايت ڪري ٿو. هن ڏکڻ ايشيا جي رهواسين کي به اپيل ڪئي ته هو غزه ۾ هزارين شه??ين جي قتل جي حمايت تي آمريڪي حڪومت کي جو??بده بڻائين. روپي ڪور وڌيڪ چيو ته کيس صدر جو??ائيڊن جي انتظاميه طرفان وائيٽ هائوس ۾ ديوالي جو ڏڻ جنهن کي هندو روشنين جو تهوار چوندا آهن ۽ جيڪو ڪوڙ تي سچ ۽ جهالت تي علم جي فتح جو جشن آهي، ملهائڻ ڪيئن قابل قبول آهي. هن آمريڪي حڪومت تي فلسطينين خلاف نسل ڪشي جو جو??ز پيش ڪرڻ جو الزام لڳايو، هن صدر جو??ائيڊن جي انساني بنيادن تي جنگ بندي جي حمايت ڪرڻ کان انڪار تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته گڏيل قومن طرفان غزه ۾ جنگ بندي جي حمايت باوجود آمريڪا ان جنگ بندي جي مخالفت ڪئي آهي. وائيٽ هائوس ۾ منعقد ٿيندڙ ديوالي جي ان تقريب جي ميزباني آمريڪا جي ڀارتي ڄائي نائب صدر ڪملاهيرس ڪري رهي آهي جنهن اڃان تائين روپي ڪور جي انهن رمارڪس تي ڪو به تصبرو ناهي ڪيو.
اسرائيل جي حمايت خلاف احتجاج، ڪينيڊا جي شاعره روپي ڪور وائيٽ هائوس ۾ ديوالي جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت رد ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس