اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفا??ي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اڏام – پاڪستان هوم گرون نيشنل اڪنامڪ پلان ميڊ ان پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا آهي، ملڪ ڊيفالٽ کان استحڪام طرف آيو ?? هاڻي استحڪام کان ترقي طرف وڌي رهيو آهي، معاشي سڌارن جي ايجنڊا ۾ پاڪستان جي عوام جي لاءِ خوشخبريون هونديون. اڏام – پاڪستان هوم گرون نيشنل اڪنامڪ پلان 29 – 2024ع جي حوالي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ هوم گرون اڪنامڪ ايجنڊا جو اعلان ڪرڻ وڃي رهيو آهي، اها ميڊ ان پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا آهي، جنهن تحت معاشي ترقي جو سفر طئي ڪيو ويندو ۽ پاڪستان جي عوام کي خوشخبريون ملنديون. هن چيو ته ملڪ ڊيفالٽ کان استحڪام طرف آيو ?? هاڻي استحڪام کان ترقي طرف وڌي رهيو آهي، الحمدالله پاڪستان جا سمورا معاشي انگ ??کر بهتر ٿيا آهن. هن چيو ته هوم گرون معاشي سڌارن جي ايجنڊا جي ڏس ۾ اهم قدم آهي، جيڪا پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جي ترقي جي لاءِ آهي.
اڏام – پاڪستان هوم گرون نيشنل اڪنامڪ پلان ميڊ ان پاڪستان معاشي سڌارن جي ايجنڊا آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد