اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سا?? ترڪيه جي ايئر لائن پيگاسس ۽ ڪارو??ار?? اداري هٽ اِٽ جي چيئرپرسن نور گوڪمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي دلچسپيءَ جي گڏيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُر??ڻا?? دوست??ڻا?? تاريخي ناتا ۽ گهرا رابطا آهن، ٻنهي ملڪن جو عوام هڪٻئي سا?? دلي رشتن ۾ ٻَڌل آهي. هن چيو ته اسان ترڪيه سا?? واپاري ڳاڻيٽي ۾ واڌ ۽ ٻه طرفي ڪارو??ار?? سرگرمين کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هٽ اِٽ ۽ پيگاسس جي چيئرپرسن پاڪستان ۾ مواصلات ۽ شهري هوابازي جي معاملن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته ترڪيه پاڪستان سا?? بزنس ٽو بزنس سرگرمين ۾ واڌ جو خواهشمند آهي. هن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته هٽ اِٽ ڪمپني 70 وڏين ايئر لائنز سا?? مارڪيٽ شيئر رکي ٿي ۽ اسان جي ڪمپني پي آءِ اي جي سڀ کان وڏي پارٽنر ۽ دنيا ۾ هوابازي جي شعبي ۾ ٽين وڏي ڪمپني آهي. وفاقي وزير هٽ اِٽ طرفان پاڪستان ۾ بزنس ۾ دلچسپيءَ جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان مواصلات جي شعبي ۾ وڏي پيماني تي هاڪاري تبديليون آڻي رهيو آهي، پرڏيهي ڪارو??ار?? ادارن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ مڪمل همٿ افزائي ڪنداسين. وفاقي وزير چيئرپرسن لاءِ پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام پار??ن خير سگالي جي جذبن جو به اظهار ڪيو. ملاقات ۾ هٽ اِٽ جي چيف آفيسر اطيله ليزي ۽ پاڪستان لاءِ ڪوآرڊينيٽر آسي غامزي به ملاقات جي موقعي تي موجود هئا.
پرڏيهي ڪاروباري ادارن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ مڪمل همٿ افزائي ڪنداسين: وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی