اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت 11 ۽ 12 جنوري 2025ع تي ”مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪر??ن جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندي. ڪانفرنس جو مقصد مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪر??ن جي تعليم جي فروغ ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ دستياب موقعن، مڪالمي جي فروغ ۽ درپيش چئلينجز تي قابل عمل حل ڳولڻ آهي. اها ڪانفرنس اعليٰ سطحي خيالن جي ڏي وٺ ۽ تعاون جي لاءِ هڪ مثالي پليٽ فارم مهيا ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪانفرنس جو افتتاح وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪندو، جيڪو افتتاحي سيشن ۾ اهم خطاب جي ذر??عي ڇوڪر??ن جي تعليم ۽ صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندو. ان ڪانفرنس ۾ 44 مسلمان ۽ دو??ت ملڪن جي وزيرن، سفيرن، تعليمي ماهرن ۽ اسڪالرز سميت 150 کان وڌيڪ عالمي ناليواريون شخصيتون شرڪت ڪنديون. گڏيل قومن جي ذيلي اداري يونيسڪو، يونيسيف ۽ عالمي بئنڪ سميت مختلف عالمي تنظيمن جا نمائندا پڻ موجود هوندا. مقررين ۽ پينلسٽ پنهنجا ڪامياب تجربا شرڪت ڪندڙن سان شيئر ڪندا ۽ تعليم ۾ برابري جي فروغ جي لاءِ جديد طريقا پيش ڪندا. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ”اسلام آباد پڌرنامي“ تي باضابطا صحيحون ڪيون وينديون، جيڪو مسلمان معاشري جي ڇوڪرين کي تعليم جي ذر??عي بااختيار بڻائڻ جي گڏيل عزم جو خاڪو پيش ڪندو جنهن سان جامع ۽ پائيدار تعليمي سڌارن سان گڏوگڏ ايندڙ نسلن جي لاءِ روشن مستقبل جي راهه هموار ٿيندي.
وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت مسلمان معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم: چئلينجز ۽ موقعا جي عنوان سان عالمي ڪانفرنس جي ميزباني ڪندي
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena