اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل قومي خابرو اداري (اي پي پي) ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ نامزد مرڪزي جو??بدار ارشد مجيد چوڌري سميت 5 جو??بدارن کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل مو??لي ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري (ايف آ??ِ اي) اي پي پي جي اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽس ا??شد مجيد، سندس پٽ تيمور ارشد، سعد يوسف، قيصر جو??د ۽ فواد خان کي عدالت ۾ پيش ڪري موقف اختيار ڪيو ته جو??بدارن کان ريڪوري ڪري ورتي آهي، جو??بدارن کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪليو وڃي. اي پي پي ليگل ايڊوائيزر خرم بيگ موقف اختيار ڪيو ته جو??بدارن جي قبضي مان رڪ??رڊ برآمد ڪرائڻ گهربل آهي، جو??بدارن کي جسماني ريمانڊ تي ايف آ??ِ اي جي حوالي ڪيو وڃي. عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي پنجن ئي جو??بدارن کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل مو??لي ڇڏيو. ايف آ??ِ اي اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور جي عدالت مان جو??بدارن جون عبوري ضمانتون رد ٿيڻ تي عدالت جي ڪمري ٻاهران جو??بدارن کي گرفتار ڪيو ويو هو. ايف آ??ِ اي قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس ۾ جو??بدارن تي ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪئي هئي.
سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ اي پي پي ۾ جعلي ڀرتين جي ڪيس جي جوابدارن کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا