اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ??حريڪ انصاف صحافين کي آن لائين هراسان ڪرڻ جي ٽارگيٽيڊ مهم هلائي رهي آهي، ان ڪڌي مهم جو مقصد صحافين کي نقصان پهچائڻ آهي، صحافين جي گهرن ۽ خاندانن جا تفصيل سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن ٿيندو، باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي پاڪستاني مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪرڻ جي مهم افسوسناڪ آهي، هن نفرت جو جيڪو ٻج پوکيو اڄ هو پاڻ لُڻي رهيو آهي، پي ٽي آءِ پاڪستان ۽ پاڪ فوج جي خلاف ٻاهرئين ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، اهي فوج کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، فوج مضبوط آهي ته پاڪستان مضبوط آهي، انتشار ڦهلائيندڙ ڪنهن به شخص کي نه ڇڏيو ويندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??حريڪ انصاف صحافين کي آن لائين هراسان ڪرڻ جي ٽارگيٽيڊ مهم هلائي رهي آهي، ان ڪڌي مهم جو مقصد صحافين کي نقصان پهچائڻ آهي. هن چيو ته پي ايف يو جي پڻ صحافين کي آن لائين هراسان ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي، پي ٽي آءِ جي اها ٽارگيٽيڊ مهم آهي، ان مهم جي ذريعي صحافين جي گهرن ۽ خاندانن جا تفصيل سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري انهن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. لاهور ۾ صحافي سيد مزمل سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي آهي ۽ ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ??حافين ۽ انهن جي خاندانن کي نشانو بڻائڻ مذمت جوڳو آهي، پي ٽي آءِ وارا پاڻ ته ڊي چوڪ کان ڀڄي ويا هئا، منهنجو سوال اهو ئي آهي ته ڀڄي ڇو ويا؟ اطلاعات واري وزير چيو ته ??يبرپختونخواهه جي ماڻهن توهان جي فائنل ڪال رد ڪري ڇڏي آهي، حڪومت جي وزيرن به باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي سول نافرماني جي ڪال جي مخالفت ڪئي جيڪو سٺو قدم آهي. پهريون ڀيرو انهن مان ڪنهن قومي مفاد کي سياسي مفاد تي ترجيح ڏني آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين نفرت جو جيڪو ٻج پوکيو اڄ اهو پاڻ لُڻي رهيو آهي، پي ٽي آءِ ورڇ ۽ انتشار جو شڪار آهي، ان ٽولي جي ڪوشش آهي ته ماڻهن جي گهرن تائين وڃن، انهن جي خاندانن تائين پهچن جيڪو مذمت جوڳو آهي، اهڙن عنصرن جي سڃاڻپ ٿي رهي آهي، ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي، انهن جي خلاف سخت ايڪشن ٿيندو، هڪ مثال ٺاهيو ويندو ته ??ڳتي ڪير ڪنهن صحافي کي اهڙي طرح جون ڌمڪيون نه ڏئي سگهي. هن چيو ته گهرو وزارت سان گڏجي ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اهڙن عنصرن جي چهرن کي سڀني جي سامهون آندو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته ??هو ٽولو پاڪستان جي مصنوعات جي بائيڪاٽ ڪرڻ جي مهم هلائي رهيو آهي جيڪو افسوسناڪ آهي، پاڪستاني مصنوعات عام ۽ غريب ماڻهو جي ئي پهچ ۾ آهي. هن چيو ته هي پاڪ فوج جي خلاف ٻاهرئين ايجنڊا جي پرچار ڪن ٿا، پاڪستاني مصنوعات جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو ته چون ٿا پر فلسطين جي معاملي تي نه ٿا ڳ??لهائين، فلسطين تي اي پي سي منعقد ٿي ان ۾ انهن شرڪت نه ڪئي ڇو ته گولڊ سمٿ پاران انهن کي فلسطين جي حق ۾ ڪنهن به مهم ۾ شرڪت ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته فوج جا جوان ۽ آفيسر ملڪ ۽ قوم جي بقاءَ جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن، انهن جا خاندان سڄي عمر جو ڏک برداشت ڪن ٿا، جن ملڪن ۾ فوج ڪمزور هوندي آهي ۽ فوج ۽ عوام جي وچ ۾ ڏار پيدا ڪيو وڃي ٿو ته ٻاهرئين طور تي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي وڃي ٿي. 9 مئي ۽ 26 نومبر تي ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ??يئن ٻاهريون طاقتون ان جو فائدو کڻي سگهن، پي ٽي آءِ جي پاليسي بلڪل ڪليئر آهي. هن چيو ته ??نتشار ڦهلائيندڙ ڪنهن به شخص کي نه ڇڏيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته هي ڊي چوڪ مان پنهنجي فرار کي هڪ ٻئي جي مٿان وجهي رهيا آهن، اهي اندروني طور تي پاڻ ڪمزور ٿي چڪا آهن. وفاقي وزير چيو ته ??حريڪ انصاف جي انتشار جي گيم جو مقصد پاڪستان کي اندروني طور تي ڪمزور ڪرڻ ۽ انتشار ڦهلائڻ آهي جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مطيع الله جان جو معاملو حل ٿي چڪو آهي، پوليس جي جاچ هلي رهي آهي، جيڪا به جاچ ٿئي ميرٽ ۽ قانون ۽ انصاف تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن چيو ته ??نيا جي ڪنهن ملڪ ۾ ان ڳالهه جي اجازت نه آهي ته ??وهان ٻاهرئين ملڪ ويهي ملڪ جي خلاف سازش ڪريو، ان تي بلڪل زيرو ٽالرنس آهي، جيڪي به ان ۾ ملوث هوندا اهي ٽريڪ ۽ ٽريس ٿيندا، ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي هرگز اجازت نه آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته مدرسا بل جي حوالي سان عالم سڳورن جي اجلاس ۾ سمورن مڪتبه فڪر جا عالم شامل هئا جيڪي 18 هزار مدرسن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. عالم سڳورا چاهين ٿا ته مدرسن جو انتظام تعليم واري وزارت جي ماتحت ئي رهي. هن چيو ته 2018ع کان سڌارن جو هڪ سلسلو شروع آهي جنهن تحت 18 هزار مدرسن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو. مولانا فضل الرحمان قابل احترام آهي، ان مسئلي جو حل اهڙو هجڻ گهرجي جيڪو سڀني کي قابل قبول هجي. مدرسي جي شاگردن جو نقصان نه ٿيڻ گهرجي ته ??يئن اهي سائنسدان، انجنيئرز ۽ ڊاڪٽر بڻجي سگهن ۽ زندگي ۾ اڳتي وڌي سگهن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ??ڪومت جو ڪم سڀني کي ٻڌڻ ۽ انهن کي گڏ کڻي هلڻ هوندو آهي، ڪوشش هوندي ته ??ڀني کي اڳتي وٺي هلون. وفاقي وزير هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته ??سان اخبارن ۽ ٽي وي تي ڪو ٽيڪس لڳڻ نه ڏنو جنهن جي ڪري انهن جي ڪاروبار ۾ فائدو ٿيو، گذريل ٻن اڍائي سالن جون رهتون به ادا ڪيون، اي پي اين ايس ۽ پي بي اي کي گهرجي ته ??هي پگهارن ۾ اضافو ڪن، سروس اسٽرڪچر تيار ڪن. هن چيو ته ڪيترن ئي چينلز انڪريمنٽس پڻ ڏنا آهن، ٻين ادارن کي به گهرجي ته ??هي ان جي پيروي ڪن. تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ڃا ڪا خبر نه آهي ته ??هي مذاڪرات آهن يا مذاق رات.
تحريڪ انصاف صحافين کي آن لائين هراسان ڪرڻ جي ٽارگيٽيڊ مهم هلائي رهي آهي، ان ڪڌي مهم جو مقصد صحافين کي نقصان پهچائڻ آهي، صحافين جي گهرن ۽ خاندانن جا تفصيل سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندڙن جي خلاف سخت ايڪشن ٿيندو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو