اسلام آباد-14 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلام آباد پوليس شنگهائي سهڪار تنظيم ڪانفرنس دوران سيڪيورٽي لاءِ سخت گائيڊ لائنز جاري ڪندي انتهائي فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن. آءِ جي اسلام آباد پوليس آفيس مطابق جاري ڪيل گائيڊ لائنز ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ سيڪيورٽي زون ۽ ايس سي او اجلاس جي منعقد ٿيندڙ جاءِ جي چ??ني پاسي غير لاڳاپيل ماڻهن جي داخلا جي اجازت نه هو??دي. جڏهن ته رستن جي سيڪيورٽي کي ٽيڪنيڪل ٽيم ذريعي يقيني بڻايو ويندو. آءِ جي آفيس مطابق ڪانفرنس جي جاءِ تي ڪنهن کي موبائل فون کڻي وڃڻ جي اجازت نه هو??دي، ڊيوٽي تي موجود اهلڪار خصوصي رنگ جا جاري ڪيل ڪوڊنگ ڪارڊ استعمال ڪندا. ڊي جي سيف سٽي ڊيجيٽل سرويلنسز جو ذميوار هو??دو. ڊي آءِ جي سيڪيورٽي ڪانفرنس جي جاءِ سميت ٻين جاين جي سيڪيورٽي جو ذميوار هو??دو، سڄي شهر جي سيڪيورٽي جي ذميوري ڊي آءِ جي اسلام آباد جي هو??دي. چيف ڪمشنر ۽ ڊي سيز لاڳاپيل شامل فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو سروسز جا ذميوار هو??دا.
شنگهائي سهڪار تنظيم ڪانفرنس دوران سيڪيورٽي لاءِ سخت گائيڊ لائنز جاري
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب