اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته اها فوتي ??لا??م جي پٽ جي مقرري هڪ مهيني جي اندر قانون موجب ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب فهيم احمد (شڪايت ڪندڙ) پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي خلاف ”فوتي ??لا??م“ ڪوٽا تي مقرري نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي هئي. در??واستگذار موجب سندس والد پي سي اي اي جو ??لا??م هو ۽ سندس لاڏاڻو سروس دوران 1999ع ۾ ڪينسر سبب ٿيو. جيئن ته هو ان وقت نابالغ هو، ان لاءِ هو ”فوتي ??لا??م“ ڪوٽا تي مقرري جي لاءِ اهل نه هو. ج??هن عمر پوري ٿيڻ تي نوڪري جي لاءِ در??واست ڏني ته بنا ڪنهن جواز جي سندس در??واست کي رد ڪيو ويو. در??واستگذار پنهنجي شڪايت جي ازالي جي لاءِ پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي سان رجوع ڪيو پر اتي به دادرسيءَ نه ٿي سگهي. جنهن کانپوءِ پريشاني ۾ پنهنجي شڪايت جي حل لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب فيصلو ڪيو ته شڪايت ڪندڙ پي سي اي اي جي خلاف بدانتظامي جو ڪو ڪيس ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ڇو ته ان جي در??واست جي وقت فيملي اسسٽنس پئڪيج لاڳو نه هو. ان کانپوءِ شڪايت ڪندڙ صدر وٽ محتسب جي حڪم جي خلاف در??واست داخل ڪئي. پنهنجي فيصلي ۾ صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ جي والد جو مدو ??لا??مت دوران 1999ع ۾ ختم ٿي ويو ۽ ان وقت در??واستگذار جي عمر رڳو 6 سال هئي. 2005ع جي پاليسي تحت عمر پوري ٿيڻ کانپوءِ مقرري جي لاءِ در??واست ڏني هئي، جنهن موجب فوتي ??لا??م جي پٽ کي اشتهار جي رسمي ڪارروائي مان گذرڻ کانسواءِ انهي اداري ۾ مقرري جي لاءِ غور ڪرڻ گهرجي ها. صدر پي سي اي اي جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو ته هن 2005ع ۾ فيملي اسسٽنس پئڪيج جي پاليسي اختيار ڪئي هئي ۽ فوري ڪيس ۾ حقيقتن ۽ قانوني پوزيشن جي ڪري ڄاڻايل پئڪيج جون شقون قابل غور نه هيون. صدر نشاندهي ڪئي ته سول ايوي ايشن اٿارٽي جي دعويٰ موجوده ڪيس جي حالتن ۾ قانوني طور تي صحيح نه آهي ڇو ته در??واستگذار سرڪاري نوڪري جي لاءِ عمر ج?? حد مڪمل ڪرڻ کان اڳ مقرر ٿيڻ جو اهل نه هو. هن چيو ته اها پاليسي جي ممڪن لاڳو جو معاملو آهي نه ڪي پاليسي جي اڳوڻي لاڳو جو معاملو آهي. صدر سول اپيل نمبر 410/2020 تاريخ 02-06-2021 ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي تي پڻ ڀاڙيو. تنهن ڪري صدر شڪايت ڪندڙ جي در??واست منظور ڪندي سول ايوي ايشن اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته هو هڪ مهيني جي اندر قانون موجب مقرري جي لاءِ ان جي در??واست تي ڪارروائي ڪري.
صدر پاران پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي کي فوتي ملازم جي پٽ جي مقرري هڪ مهيني جي اندر قانون موجب ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ