اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوج??ان?? کي وسيلا مهيا ڪرڻ سان ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب پورو ٿيندو، 10 لک شاگردن کي ٽيبليٽس ۽ سمارٽ فونز ڏينداسين، هواوي جي تعاون سان 3 لک نوج??ان?? کي آءِ ٽي جي تربيت ڏني ويندي، هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي اسڪالرشپ تي چين موڪليو ويندو، پاڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبي جو جلد اعلان ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوج??ان?? جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم دولت مشترڪه ايشيا يوٿ الائنس جي سيڪريٽريٽ، ڊيجيٽل لرننگ پورٽل، گرين يوٿ موومينٽ، اي آءِ فار يوٿ ۽ قومي رضاڪار ڪور جاري ڪرڻ جو پڻ افتتاح ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ اسان نوج??ان?? جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، آزادي جو ڏهاڙو به اچي رهيو آهي، الله تعاليٰ عوام جي خدمت جو موقعو ڏنو، پنهنجي ليڊر نواز شريف جي قيادت ۾ عوام جي خدمت ڪئي، ماضي ۾ پنجاب صوبي جي نوج??ان?? جي خدمت ڪئي، هاڻي پوري پاڪستان جي نوج??ان?? جو خادم بڻجي خدمت ڪندس. هن چ??و ته نوجوان ئي ملڪ جي قسمت بدلائي سگهن ٿا، انهن نوج??ان?? کي موجوده دور جي گهرجن موجب جديد تعليم جي زيور سان ليس ڪيو وڃي، مصنوعي ذهانت دنيا ۾ سڀ کان جديد تعليم جو هٿيار آهي، چين دنيا جو ٻيو وڏو ترقي يافته ملڪ آهي، هن جديد علم جي ذريعي ملڪ ۾ انقلاب برپا ڪيو، جيڪڏهن اسان انهي رستي تي نوجوان نسل کي وسيلا فراهم ڪريون ته ملڪ ۾ نوجوان نسل خوشحالي جو اهڙو انقلاب آڻيندي جنهن سا?? آزادي جي ڏهاڙي جون گهرجون پوريون ٿينديون، اسان جي وڏن پاڪستان جي لاءِ عظيم قربانيون ڏنيون، قائداعظم محمد علي جناح جي عظيم ليڊرشپ ۾ ان خواب جي تعبير ملي ۽ هاڻي انهن نوج??ان?? کي ان جي تڪميل ڪرڻي آهي، نوج??ان?? کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته دانش اسڪولن ۾ پٺتي پيل علائقن جي ٻارن تعليم حاصل ڪئي، پاڪستان وٽ وسيلن جي کوٽ نه آهي، 77 سالن ۾ قرضن جا جبل بڻجي ويا، امير ۽ غريب جي زندگين ۾ وڏو فرق آهي. هن چ??و ته اسان کي پنهنجي مضبوط ارادي ۽ محنت سان اڳتي وڌڻو پوندو، اهي نوجوان وسيلا ملڻ تي ملڪ کي عظيم بڻائي سگهن ٿا. هن چ??و ته اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 10 لک شاگردن کي ميرٽ ۽ شفافيت تي مفت سمارٽ فونز ڏنا ويندا ۽ ان کانسواءِ ليپ ٽاپس پڻ ڏنا ويندا، صوبا به نوج??ان?? جي لاءِ پروگرام هلائي رهيا آهن، هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي اعليٰ تعليم جي لاءِ چين موڪليو ويندو، انهن جي جديد ٽيڪنالاجي جي تعليم حاصل ڪرڻ ملڪي ترقي جي لاءِ مددگار ٿيندو، هواوي سان گڏجي 3 لک ٻارن کي آءِ ٽي جي تربيت ڏني ويندي، ايس ايم ايز جي ذريعي نوج??ان?? کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا، پاڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي منصوبي جو جلد اعلان ڪندس. هن چ??و ته اسان کي ماضي مان سبق حاصل ڪري اڳتي وڌڻو آهي ۽ ملڪ جي تقدير کي بدلائڻو آهي، اسان جي محنت ڪڏهن به رائيگان نه ويندي. هن چ??و ته قومي راند هاڪيءَ جي بحالي اسان جي اولين ترجيح آهي، ارشد نديم پاڪستان جو نالو بلند ڪيو، 40 سالن کانپوءِ پاڪستان کي سون جو تمغو مليو، مايوسي کي پٺتي وجهي روشنين طرف وڃڻو آهي، ڏينهن رات محنت سان پاڪستان عظيم بڻجندو. تقريب دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف آن لائين رجسٽريشن ڪرائي قومي رضاڪار ڪور جو رضڪار بڻجي ويو، وزيراعظم کي قومي رضاڪار ڪور جو بيج پڻ هنيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم قومي رضاڪار ڪور جي لاءِ لوگو ڊيزائن ڪندڙ اقصيٰ جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندڙ نوج??ان?? ۾ يوٿ ايوارڊز پڻ ورهايا. تقريب کي خطاب ڪندي منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته اڄ نوج??ان?? جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، پاڪستان عظيم قربانين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو، پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي ڪا کوٽ نه آهي، دنيا جا ڪيترائي ملڪ اسان کان پٺتي هئا، هاڻي اڳتي نڪري ويا، انهن ملڪن ترقي ڪئي، جتي سياسي استحڪام رهيو. هن چ??و ته پاڪستاني قوم محنتي، ذهين ۽ ايماندار آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ نوج??ان?? کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نوج??ان?? کي ارشد نديم جي زندگي مان سبق سکڻ گهرجي، ارشد نديم پنهنجي غربت کي پيرن جي زنجير بڻجڻ نه ڏنو، نوج??ان?? کي چوندس ته ڪوڙين خبرن تي ڌيان نه ڏين. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چ??و ته اڄ تجديد عهد ۽ عزم جو ڏينهن آهي، اڄ جو ڏينهن نوج??ان?? کي هڪ پليٽ فارم ڏيڻ جو ڏينهن آهي، نوجوان ملڪي ترقي ۾ حصو وجهڻ چاهين ٿا، پاڪستان ۽ نوج??ان?? جو رستو روڪڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون. هن چ??و ته وزيراعظم شهباز شريف نوج??ان?? کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا، وزيراعظم پنجاب کانپوءِ سڄي ملڪ جي نوج??ان?? جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، اسان جو عزم پاڪستان کي مستحڪم ۽ خوشحال بڻائڻ جو آهي. هن چ??و ته نوج??ان?? کي ڊيجيٽل جي جديد ترين تربيت ڏينداسين ۽ انهن ۾ ليپ ٽاپس ورهائي رهيا آهيون، شهباز شريف اسان جو رول ماڊل آهي، هو ڏينهن رات ملڪ جي لاءِ ڪم ڪري ٿو، ميرٽ ۽ شفافيت جي بنياد تي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي قومي هاڪيءَ ٽيم جي ڪپتان شڪيل بٽ ۽ دانش اسڪول مان تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن وزيراعظم جي ويزن کي ساراهيو.
نوجوانن کي وسيلا مهيا ڪرڻ سان ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب پورو ٿيندو، 10 لک شاگردن کي ٽيبليٽس ۽ سمارٽ فونز ڏينداسين، هواوي جي تعاون سان 3 لک نوجوانن کي آءِ ٽي جي تربيت ڏني ويندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے