اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي ??ي) مختلف مڪتبه فڪر ??ان تعلق رکندڙ ناليوارين علماءِ و مشائخ جو عظيم الشان قومي علماءِ ڪنوينشن، ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ معاشري مان نفرت ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ آگاهي پيدا ڪر?? ۾ عالمن جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪندي عالم سڳورن ۽ مشائخ تي زور ڏنو ويو ته اهي بنيادي اسلامي قدرن ۽ اصولن موجب پروپئگنڊه، جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي روڪٿام ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. تقريب جو خاص مهمان وزيراعظم محمد شهباز شريف هو جڏهن ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان هو. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پن??نجي خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسلام امن جو مذهب آهي ۽ امن اسلام جو بنياد آهي، اهو ا??ان کي گڏيل بقاءَ جو درس ڏي ٿو نه ڪي ڇڪتاڻ جو، ا??ان کي انهن اسلامي قدرن کي مضبوطي ??ان برقرار رکڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان محبت، همدرديءَ ۽ قبوليت جي اصولن تي قائم آهي. مختلف ثقافتن، مذهبن ۽ نسلن تي ٻڌل ا??ان جو تنوع ا??ان جي طاقت آهي، اچو اسان پن??نجي اختلافن جو ادراڪ ڪريون ۽ پن??نجي منفرد سڃاڻپ جو جشن ملهايون. وزيراعظم بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پڻ خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ا??ان انهن ماڻهن کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪي ملڪ جي لاءِ سڀ کان وڏي قرباني ڏئي قوم جي حفاظت جي لاءِ روزانو پن??نجي جانين کي خطري ۾ وجهن ٿا، اسان پن??نجي شهيدن جي قربانين جو احترام ڪريون ٿا جن ملڪ جي دفاع جي لاءِ پن??نجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. وزيراعظم عالمن ۽ مشائخ تي زور ڏنو ته اهي بنيادي اسلامي قدرن ۽ اصولن موجب پروپئگنڊه، جعلي خبرن ۽ غلط معلومات جي روڪٿام ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. هن نوجوانن کي قرآن ۽ سنت جي تفهيم ۽ ڪردارسازي ??ان گڏوگڏ تعليم ۽ فني مهارتن طرف رهنمائي ڪر?? ۾ عالمن ۽ مشائخ جي ڪردار جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. فورم متفقه طور تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خلاف جاري ظلمن ۽ غزه ۾ جاري غيرانساني تڪرار تي گهري ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان کي انسانيت جي خلاف ڏوهه قرار ڏنو.
قومي علماءِ ڪنوينشن پاران معاشري مان نفرت ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ عالمن جي اهم ڪردار جو اعتراف
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil