ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ڪاروبار دوست ??ال??سين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪري ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين ابوظهبي فنڊ فار ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سيف السُويدي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تعاو?? جي فروغ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم حڪومت پاران معاشي استحڪام جي لاءِ سڌاراجاتي قدمن تي روشني وڌي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آه?? جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، گڏيل عرب امارات جي قيادت خاص طور تي ??يخ محمد بن زيد النهيان جا ٿورائتا آهيون جنهن سدائين پاڪستا?? جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ڪاروبار دوست ??ال??سين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت ڏئي ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته اماراتي ڪمپني?? جي پاڪستاني ڪمپنين سان تعاون سان ٻنهي ملڪ?? جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ملاقات ۾ وزيراعظم ابوظهبي فنڊز فار ڊيولپمينٽ جي وفد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني.
حڪومت سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ