اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا، ڪراچي اليڪٽرڪ پاران متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حڪمت عملي خوش آئنده آهي، جنهن سان صارفين جي لاءِ بجلي جو ٽيرف گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراع??م انوارالحق ڪاڪڙ سان سعودي عرب جي الجوميه گروپ جي سربراهه شيخ عبدالعزيز حماد الجوميه جي قيادت ۾ چار رڪني ??فد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ۽ توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر به موجود هئا. الجوميه گروپ ڪراچي اليڪٽرڪ ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي آهي. نگران وزيراعظم وفد سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ ??ضب??ط ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ سعودي سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪراچي اليڪٽرڪ پاران متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حڪمت عملي خوش آئنده آهي جنهن سان صارفين جي لاءِ بجلي جو ٽيرف گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اميد ظاهر ڪئي ته گهريلو ۽ صنعتي صارفين کي بنا رڪاوٽ جي بجلي جي فراهمي سان ڪراچي اليڪٽرڪ پنهنجي انفراسٽرڪچر ۾ وڌيڪ بهتري آڻيندي. نگران وزيراع??م الجوميه گروپ کي پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ترغيب ڏني. الجوميه گروپ جي وفد ڪراچي اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي نگران وزيراعظم ۽ حڪومتي ٽيم جا ٿورا مڃيا. وفد نگران وزيراعظم کي 1500 ميگاواٽ جي نئين سيڙپڪاري جي ??نص??بن بابت آگاهه ڪيو. انهن ??نص??بن ۾ مقامي ذريعن ۽ قابل تجديد توانائي تي ڀاڙيو ويندو.
توانائي جي شعبي ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا، ڪراچي اليڪٽرڪ پاران متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حڪمت عملي خوش آئنده آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے