اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏسڻ کان محروم ماڻهن ??ي لاءِ بريل ۾ ڪتاب ۽ علم جي دستيابي خوش آئنده قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪتاب پڙهڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏئي فڪري ۽ انفرادي ترقي ممڪن آهي. هو نيشنل بُڪ فائ??نڊ??شن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم واري وزارت جا اعليٰ عملدار پڻ ش??يڪ هئا. نيشنل بُڪ فائ??نڊ??شن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راجا مظهر حميد فائ??نڊ??شن جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيشنل بُڪ فائ??نڊ??شن ڊسليڪسيا (پڙهڻ ۾ ڏکيائي) کان متاثر ماڻهن ??ي لاءِ خصوصي قدم کڻي رهي آهي، فائ??نڊ??شن ڊسليڪسيا کان متاثر ماڻهن ??ي لاءِ ڪتاب تيار ڪري رهي آهي، ڊسليڪسيا جي شڪار ٻارن جي لاءِ پريپ کان اٺين درجي تائين ڪتاب تيار ڪيا پيا وڃن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته تعليمي سال 25 – 2024ع ۾ ڊسليڪسيا جي شڪار ٻارن کي ڪتاب فراهم ڪيا ويندا، فائ??نڊ??شن جي ڪراچي ۾ بريل پريس ڏسڻ کان محروم ماڻهن کي رڳو 10 رپين ۾ ڪتاب فراهم ڪري رهي آهي، ڪتابن سان ڏسڻ کان محروم ٻارن جي تعليم تائين پهچ وڌائڻ ۾ مدد مل??دي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي 431 اسڪولن ۾ پريپ کان اٺين درجي تائين ڏسڻ کان محروم ٻارن جي لاءِ ڪتاب فراهم ڪيا ويندا، نيشنل بُڪ فائ??نڊ??شن بريل ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب ڇاپي رهي آهي، نيشنل بُڪ فائ??نڊ??شن پاڪستان ۽ ٻاهرئين ملڪ ڪتابن جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. صدر م??ڪ ۾ خواندگي، ڪتاب پڙهڻ جي فروغ ۾ فائ??نڊ??شن جي ڪردار کي ساراهيو.
ملڪ ۾ ڪتاب پڙهڻ جي ڪلچر کي فروغ ڏئي فڪري ۽ انفرادي ترقي ممڪن آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گرم گرم