اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته ملڪي سطح تي سڀني ٻولين جون ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿيڻ گهرجن، شا??ر قوم جا امين هوندا آهن ۽ اهي پنهنجي جذبن سان ڌرتي سان وفا جو وچن ورجائيندا آهن ۽ محبت جو اظهار ڪندا ??هن. جڏهن ته قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي نگران وفاقي وزير جمال شاهه چيو آهي ته شا??ر، اديب، فنڪار دلين جا سخي هوندا آهن، اهي پنهنجي لفظن سان پيار جو اظهار ڪندا آهن، ملڪ ۾ ڪجهه وقت اڳ جيڪا صورتحال ٿي جيئن شهيدن جي مجسمن کي ٽوڙي جهالت جو مظاهرو ڪيو ويو ان جي آڏو بند رڳو ادب جي وسيلي ئي ٻڌجي سگهجي ٿو. نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس اسلام آباد ۾ ٿيل مشاعري ۾ ملڪ جي ناميارن شا??رن شا??ري ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو. مشاعري ۾ پروفيسر جليل عالي، ڊاڪٽر انعام الحق جاويد، منظر نقوي، سرواڻ سنڌي، ڊاڪٽر شا??يه اڪبر، قيوم طاهر، علي اڪبر عباس، انجم سليمي، وفا ??شتي، اقبال حسين افڪار، شڪور احسن، محمد عمران ۽ ٻين شا??ري پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو. مشاعري جي خاص مهمان تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته ڪنهن به ملڪ ۾ ادب ۽ فن وڏي حيثيت رکي ٿو ۽ شا??ر ۽ اديب معاشري جا نبض شناس هوندا ??هن. هن چيو ته هن وقت هڪ ئي جاءِ تي سڀني ٻولين جي شا??رن کي ڏسي ۽ ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي. هن چيو ته سنڌي جي شا??ري به شامل هئي جيڪا خوشي جي ڳالهه آهي ته هڪ ئي اسٽيج تي سڄي ملڪ جي سمورين ٻولين کي نمائندگي ڏني وئي آهي ۽ اهو سلسلو هاڻي جاري رهڻ گهرجي. اڳتي ادبي ڪانفرنسون گهرايون وڃن ۽ انهن ۾ پڻ سڀني ٻولين کي نمائندگي ڏني وڃي. جڏهن ته قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي نگران وفاقي وزير جمال شاهه چيو ته شا??ر، اديب ۽ فنڪار سخي هوندا آهن ۽ احمد ??را?? پنهنجي شا??ري ۾ شا??رن جي سخاوت جو ذڪر ڪيو آهي. ان موقعي تي جمال شاهه پشتو ۾ شا??ري ۽ ان جو ترجمو ٻڌايو. جنهن کي حاضرين تمام گهڻو ساراهيو. جمال شاهه چيو ته اڪيڊمي ادبيات هڪ شاندار ڪم ڪيو آهي، سڀني ٻولين جي شا??رن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو آهي. هن چيو ته هر هڪ پنهنجي پنهنجي مورچي تي ملڪ جو دفاع ڪري رهيو آهي، شا??ر شا??ري وسيلي، سپاهي پنهنجي سرحدن تي آهن، استاد ٻارن جو مستقبل سنوارڻ سان ملڪ جو دفاع ڪري رهيا ??هن. هن چيو ته ڪجهه وقت اڳ جيڪو ملڪ ۾ ٿيو اهو هڪ خراب سپنو آهي، جهڙي طرح شهيدن جي مجسمن کي ٽوڙي جهالت جو مظاهرو ڪيو ويو، ان جو مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته اديب حساس هوندا آهن، اهي هر شيءَ کي محسوس ڪن ٿا. جڏهن ته ان موقعي تي اڪيڊمي ادبيات ??ي چيئرپرسن ڊاڪٽر نجيبه عارف سڀني شا??رن کي ڀليڪار چئي.
ملڪي سطح تي سڀني ٻولين جون ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿيڻ گهرجن، شاعر قوم جا امين ۽ دلين جا سخي هوندا آهن: مدد علي سنڌي/جمال شاهه
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت