اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تيونس سان ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??سيع تر اقتصادي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي وڌائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تيونس جي لاءِ ??اڪستان جي نامزد سفير جاويد احمد عمراڻي سان ڳالهائيندي ڪيو جنه?? ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان تيونس سان تاريخي ۽ ڀ??ئراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ??و، ٻئي ملڪ مختلف معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. صدر چيو ته نامزد سفير تعليم، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تيونس سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بين المذاهب هم آهنگي، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، فلسطين ۽ اسلامو فوبيا جهڙن عالمي مسئلن جي حل ۾ تعاون جي لاءِ او آءِ سي بابت تيونس جي ويزن کي ساراهيندي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ ”مذهبي نفرت جي خاتمي“ تي پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد تي تيونس جي حمايت جي آجيان ڪئي. هن چيو ته نامزد سفير مختلف فورمز تي اسلامو فوبيا، ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ کي اجاگر ڪري. صدر چيو ته ڀارت انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي ۽ هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ڪري رهيو آهي، ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو ب?? نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدر قيس سعيد جي قيادت ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تيونس جي ڪاميابي جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
تيونس سان ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر اقتصادي تعاون جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو