اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته چار سال پنجاب جا وسيلا ڦريندڙن کان صوبو پاڪ ٿي ويو آهي، الحمدالله! پنجاب جي وسيلن ۽ پنجاب جي عوام جي محنت جي ڪمائي سان هيرن جون منڊي??ن خريد ڪندڙن کي پنجاب جي عوام سڃاڻي وئي آهي، فارن ايجنٽ جو ووٽ ۽ اليڪشن جي طاقت سان وفاق وانگر پنجاب ۾ به صفايو ڪنداسين، ووٽ جي طاقت سان ا??هن ڦورن، فارن ايجنٽس ۽ فرنٽ مينن جو خاتمو ڪيو ويندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته چار سال بشريٰ بي بي، فرح گوگي ۽ فرنٽ مينن جي ذريعي وفاق ۽ پنجاب کي ڦريو ويو، اسان پنجاب ۾ ٻيهر خوشحالي جو دور شروع ڪنداسين، پنجاب جي عوام مفت علاج، تعليم ۽ بهترين ??ستا ڏينداسين، پنجاب ۾ ترقي جي رڪيل عمل کي ٻيهر شروع ڪنداسين ۽ گذريل چار سالن دوران پنجاب جي عوام سان ٿيندڙ زيادتين ??و ازالو ڪنداسين. اط??اع??ت واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ کي ڊيفالٽ جي ڪناري تي ڌڪيندڙن کي عوام ووٽ نه ڏيندي، پنجاب جي باشعور عوام پنهنجي ترقي کي ووٽ ڏيندي، اها ٻهروپين، فارن ايجنٽس، چورن، پنجاب کي ڦرڻ، اجاڙڻ ۽ ويران ڪندڙن کي ووٽ نه ڏيندي.
چار سال پنجاب جا وسيلا ڦريندڙن کان صوبو پاڪ ٿي ويو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج