اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته پاڪستان سدائين جي لاءِ تبديل ٿيڻ وارو آهي، اسان جو مقصد پاڪستان کي حقيقي فلاحي رياست بڻائڻو آهي جنهن ۾ هيٺئين طبقي کي مٿي آندو ويندو، موجوده حڪومت ڏکڻ پنجاب کي ترقي يافته بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي جڏهن ته قومي اسيمبلي ميمبرن جي تڪن ۾ ترقياتي منصوبن ۽ عوامي مسئلن جي فوري حل لاءِ وزيراعظم آفيس ۾ پبلڪ افيئرز ونگ فعال بڻائڻ ۽ ڊويزنل سطح تي قومي اسيمبلي ميمبرن جي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن اهڙن خيالن جو ??ظهار ڊيره غازي خا?? ڊويزن سان تعلق رکندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II