اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف صحت جي نگهداشت جي شعبي کي حڪومت جي اولين ترجيحن جو ??صو قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ انتهائي غريب مريضن جي بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هو ڪنگ حمد يونيورسٽ?? آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. شاهه بحرين جي ڀاءُ ۽ بحرين جي ڪمانڊر آف نيشنل گارڊ ليفٽيننٽ جنرل شيخ حمد بن عيسيٰ بن سلمان پڻ تقريب ۾ موجود هئا. ڪنگ حمد يونيورسٽ?? آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز بحرين پاران اهو تحفو آهي ۽ ان جو ??لحاق ر??ئل ڪاليج آف سرجنز آئرلينڊ سان هوندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ تربيت يافته نرسنگ اينڊ ٽر??نن?? اسٽاف جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي بحرين جو ??هو منصوبو ص??ت جي نگهداشت جي شعبي جي ان ضرورت کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش