بيجنگ -18 مارچ (اي پي پي) چين روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن، فرانس جي خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان معمول جي پريس ڪانفرنس دوران ??يو ته چين روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏئي ٿو. هن چيو ته چين ۽ روس نئين دور ۾ هڪ ٻئي جا سڀ کان وڏا پاڙيسري ۽ جامع اسٽريٽجڪ سهڪار رکندڙ شراڪتدار آهن. هن چيو ته ا??ان پختو يقين رکون ٿا ته چين جو صدر شي جن پنگ ۽ روس جو صدر ولاديمير پيوٽن جي اسٽريٽجڪ اڳواڻي تحت چين روس لاڳاپن کي هٿي ملندي. هن چيو ته هلندڙ سال چين ۽ روس وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگره ملهائي پئي وڃي. ترجمان ??يو ته ٻنهي ملڪن جا سربراه ويجهي مٽاسٽا کي برقرار رکندا. ٻنهي ملڪن جي پراڻي دوستي کي برقرار رکندا، جامع اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ نئين دور ۾ چين روس لاڳاپن جي لاڳيتو ترقي کي هٿي وٺرائيندا. روس جي سرڪاري ايجنسي آر آءِ اي گذريل ڏينهن سرڪاري چونڊن جي انگن اکرن جي حوالي ??ان ٻڌايو ته 99 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن کان پوءِ ولاديمير پيوٽن 87.33 ??يڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آهن.
چين پاران روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : números quina hoje