ملبورن- 14 فيبروري (اي پي پي) آسٽريليا جي اوڀر ۾ بادو باران نالي سامونڊي طوفان سبب وڻ پاڙن کان پٽجي ويا جڏهن ته هڪ شخص جي فوت ٿيڻ جا طل??ع آهن، ميڊيا رپورٽن موجب طوفان کان پوءِ 174،000 گهرن ۽ وپاري مرڪزن جي بجلي بند ڪئي وئي آهي،رياستي حڪومت ۽ هنگامي خدمتن وارن ادارن جوچوڻ آهي ته خراب موسم وڪٽوريه رياست جي وڏي حصي کي متاثر ڪيو آهي، طوفاني برسات ۽ 150 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ کان و??يڪ جي رفتار سان هلندڙ هوائن نظام کي تباه ڪري ڇڏيو آهي.ميلبورن جي اولهه ۾ لڳل باه پڻ تيز هوائن سبب و??يڪ ڦهلجي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ گهر سڙي وڃڻ جا اطل??ع آهن.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم