نيويارڪ -25 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ گڏيل ??وم?? جي گروپ آف فرينڊز جي پينل ۾ 2023ع تا??ين هيپاٽائيٽس جي خاتمي ??ي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل ??وم?? جو گروپ اجلاس نيويارڪ ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صحت ??ي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي هدف مطابق 2030 تا??ين جگر جي مرض هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي هٿي وٺائڻ تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان ڪئي. اجلاس ۾ ميمبر ملڪن جي صحت وارن وزيرن، نمائندن، ڊبليو ايڇ او ??ي عهديدارن ۽ گڏيل ??وم?? جي سفيرن شرڪت ڪئي. مسعود خان چيو ته پاڪستان هيپاٽائيٽس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ 2030 تا??ين ان جي خاتمي جي ڊبليو ايڇ او جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان جي ترجيحن ۾ نيشنل اسٽريتجڪ فريم ورڪ کي اپ ڊيٽ ڪرڻ، نگراني کي بهتر بڻائڻ، هيپاٽائيٽس بي جي خوراڪ جي ويڪسينيشن کي وڌائڻ، هيپاٽائيٽس سي وائرس (ايڇ سي وي) جي جاچ ۽ علاج جي سهولتن ۾ اضافو ۽ ڪميونٽي تي ٻڌل تنظيمن سان رابطا شامل آهي. انهن قدمن جي لاڳو ٿيڻ سان اسان 2030 تا??ين هيپاٽائيٽس جي خاتمي جي ويجهو پهچي وينداسين. 2022ع ۾ نيشنل هيپاٽائيٽس ايليمينيشن پروفائل (اين ايڇ اي پي) نيشيٽو جي شروعات جي لاءِ عالمي سطح تي هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ اتحاد جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان 2030 تا??ين هيپاٽائيٽس سبب متاثر لکين ماڻهن جي سڪريننگ ۽ لکن جو علاج ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان هيپاٽائيٽس خلاف جنگ ۾ عالمي شراڪتدارن خاص ڪري گلوبل الائنس فار ويڪسينز اينڊ اميونائيزيشن (گاوي) جي اهم ڪردار کي ساراهي ٿو.
پاڪستان 2030 تائين هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي مضبوط شراڪتداري قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ