رياض – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ب?? عبدالله چيو آ??ي ته هو شام بحران جي سياسي حل تائين پهچڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون جا??ي رکندا. سعودي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي شام بابت خاص ايلچي گيئر پيڊرسن سان نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ۾ ملڪ جي مستقل نمائندي جي هيڊ ڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران هن چيو ته اسان شام يج وحدت، سالميت، سلامتي، استحڪام ۽ عرب لاڳاپي کي برقرار رکڻ جا خواهشمند آهن. ملاقات دوران هن شام بحران جي سياسي حل ۾ اڳڀرائي ۽ جده ۾ ٿيل عرب سربراهي اجلاس جي نتيجن سميت ان سلسلي ۾ ملڪ ۽ گڏيل قومن جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر