اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس بزنس فورم ۾ 8 واپاري معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن. پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ 5 سالن لاءِ نيوٽري فوڊ ايند فارماسيوٽيڪلز ڪمپني ۽ بيلاڪٽ طرفان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. سال 2025ع لاءِ پاڪستان ۽ بيلاروس وچ ۾ شين جي فر??هميءَ لاءِ ??هزاد ٽريڊ لنڪس ۽ منسڪ موٽر پلانٽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون. شهزاد ٽريڊ لنڪس ۽ بيلشينا وچ ۾ پاڪستاني مارڪيٽ ۾ ٽائرن جي فر??هميءَ لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ٿيون. وٽرنري دوائن جي فر??هميءَ لاءِ مصطفيٰ برادرز ۽ ”بيل وٽو نيفارم“ وچ ۾ صحيحون ٿيون. نيشنل لاجسٽڪ ڪارپوريشن ۽ بيلٽا موز سروس وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. فارما انڊسٽريءَ ۾ تعاون تي بائيو ميڊيڪل سسٽم ۽ بيلميڊ پريپريٽري وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. شين جي فر??هميءَ لاءِ ??اس انٽرنيشنل ٽريڊنگ ۽ بيلٽس ويٽميٽ وچ ۾ معاهدا طئي ٿيا ۽ پاڪستان طرفان گرين ڪارپوريشن انيشيئٽو ۽ بيلاروس جي منسڪ ٽريڪٽر ورڪس ڪمپنين وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ۾ بيلاروس جا ٽريڪٽرز پائ??دا??ي ۽ مضبوطيءَ جي علامت سمجهيا وڃن ۽ هتي مقامي مارڪيٽ ۾ انهن جي گهرج تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ واڌ لاءِ 2025ع کان 2027ع لاءِ ??وڊ ميپ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي ملڪ تعاون لاءِ ??ملي قدم کڻندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس علائقائي واپار ۽ ڪنيڪٽوٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ??نگهائي تعاون تنظيم ۾ حص??دا?? به آهن. پاڪستان بيلاروس سان ٽيڪنالاجي ج?? منتقلي ۽ گڏيل رٿائن ۾ سيڙپڪاريءَ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ لاءِ ??وانائي، زراعت، آءِ ٽي ۽ ٻيا شعبا کُليل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ بيلاروس جي ٻه طرفي واپار ۾ جدت آڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان مان گوشت، ڊيري، زرعي شيون ۽ ڪاغذ جي شين جو روانگي واپار وڌائي سگهجي ٿو. وفاقي وزير چيو ته بيلاروس سان واپاري رڪاوٽن کي گهٽ ڪرڻ ۽ مارڪيٽ تائين پهچ کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي ج??هن تي وفاقي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان خطي ۾ واپاري ۽ ٽرانزٽ حب بڻجڻ لاءِ پُرعزم آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان دنيا جي ڇهين وڏي واپاري مارڪيٽ آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ طئي ٿيل معاهدن سان ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن کي نوان موقعا ملندا. ٻنهي ملڪن جا ڪاروباري ماڻهو به هڪٻئي ج?? ويجهو ايندا ۽ معيشت کي سهارو ملندو.
پاڪستان- بيلاروس بزنس فورم ۾ 8 معاهدن تي صحيحي ڪئي وئي، واپار ۾ واڌ لاءِ ايندڙ ٻن سالن لاءِ روڊ ميپ تي اتفاق، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاران معاهدن جي آجيان
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس