اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي نائ?? صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ برابري جي بنياد تي معاشرو جوڙڻ جي حوالي سان تمام واضح مؤقف ??هي، پ پ عورتن خلاف هر قسم جي ت??دد جي خاتمي جي جدوجهد جاري رکندي. ڪالهه عورتن خلاف ت??دد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ عورتن خلاف ت??دد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، عورتن خلاف ت??دد صرف هڪ فرد جو ذاتي مسئلو ناهي پر هڪ سما??ي مسئلو آهي جيڪو برابري ۽ انصاف جي بنيادي اصولن کي نقصان پهچائي ٿو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته پ پ جو عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ برابري جي بنياد تي معاشرو ڏيڻ جي حوالي سان تمام ئي واضح مؤقف ??هي، اسان هميشه ان مسئلي جي حل لاءِ آگاهي، وڪالت ۽ قانونسازي ذريعي اهم قدم کنيا آهن، ان سلسلي ۾ غيرت جي نالي تي (ڪرمنل لاز ترميمي ايڪٽ)، ڪم جي جاءِ تي عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ ايڪٽ ??ي منظوري هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا، ان کان علاوه سينيٽ ننڍپڻ ۾ شادي تي پابندي جي بل ??ي منظوري ڏني، اهي قانون پاڪستاني معاشري ۾ رائج انهن سماجي روين کي چئلينج ڪرڻ جي اهم ڪوشش آهن جيڪي عورتن خلاف ت??دد کي هٿي ڏين ٿا، جڏهن ته اهو سفر اڃا ختم ناهي ٿيو. هن چيو ته گهريلو تشدد، هراسان ڪرڻ، زبردستي شادي ۽ انساني اسمگلنگ جهڙن مختلف قسمن جي صنفي ت??دد پاڪستان ۾ لکين عورتن کي متاثر ڪيو آهي، اسان کي روايتي روين جي خاتمي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ آهي، جيڪو عورتن خلاف ت??دد جو معمول بڻائين ٿا، اڄ جي ڏينهن سمورن پاڪستانين کي اپيل ڪريان ٿي ته عورتن تي ت??دد خلاف گڏ ٿي آواز اُٿارين، پ پ عورتن خلاف هر قسم جي ت??دد جي خاتمي جي پنهنجي جدوجهد جاري رکندي.
پ پ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد جي خاتمي جي جدوجهد جاري رکندي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔