اسلام آباد-31 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پاڪستان ??من پسند ملڪ آهي جيڪو خطي ۾ استحڪام، ??من ۽ عالمي پارلياماني لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي، عالمي سطح تي ??من جي قيام جون ڪوششون عالمي سهڪار بنا ممڪن ناهن، پاڪستان عالمي ??من کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورن هاڪاري قدمن ۾ شامل رهڻ جو خواهشمند آهي. ڪي پي ڪي مذهبي سياحت کي تاريخي ماڳن سان گڏوگڏ قدرتي نظارن سان مالامال آهي، ڪي پي ڪي جو روشن اميج دنيا آڏو روشن ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونائيٽيڊ پيس فيڊريشن انٽرنيشنل ۽ انٽرنيشل ايسوسيئيشن آف پارليامينٽيرنيز فار پيس جي چيئرمين ڊاڪٽر چارلس ايس يانگ جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ڪي پي ڪي جي گورنر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هائوس آف نمائندن نيپال جي ميمبر ۽ فارن رليشنز اينڊ ٽوئر ازم ڪميٽي نيپال جي چيئرمين اڪ ناٿ ڍاڪل ۽ آءِ اي پي پي ايشيا جي علائقائي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، هلال احمر ڪي پي ڪي جي چيئرمين حبيب ملڪ اورڪزئي پڻ موجود هئا، ان ملاقات جو مقصد عالمي سطح تي ??من کي هٿي ڏيڻ، پارلياماني سهڪار ۽ عالمي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڪي پي ڪي ۾ مذهبي ٽوئر ازم کي هٿي ڏيڻ هو. ڊاڪٽر چارلس ايس يا??گ ۽ سندس وفد جي ميمبرن ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيا?? ۽ ??وامي ڀلائيءَ لاءِ گورنر جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته عالمي سطح تي ??من جي قيام لاءِ پاڪستان جهڙي ملڪ جو ڪردار انتهائي اهم آهي. ڊاڪٽر يانگ چيو ته يو پي ايف ۽ انٽرنيشنل ايسوسيئيشن آف پارليامينٽيرنز فار پيس، پاڪستان سان گڏجي اهڙن قدمن جي همٿ افزائي ڪندو جيڪو نه صرف ملڪي پر عالمي سطح تي استحڪا?? ۽ ??من کي هٿي ڏيندو.
پاڪستان خطي ۾ استحڪام، امن ۽ عالمي پارلياماني لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز