اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي)ناڻي واري وزارت چيو آهي ته ڪراچي ڌماڪي ۾ فوت ٿيل چيني انجنيئرز آءِ پي پيز سان ڳالهين ۾ شامل نه هئا. اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ناڻي واري وزارت جي ترجمان ڪراچي ڌماڪي ۾ فوت ٿيل ٻن چيني انجنيئرز جي آءِ پي پيز سان سلهاڙيل هجڻ باب?? خبرن جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته حڪومت آءِ پي پيز سان ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن ۾ اهو پلانٽ به شامل آهي جنهن تي ٻئي چيني انجنيئر ڪم ڪري رهيا هئا. ترجمان ٻڌايو ته فوت ٿي ويل انجنيئرز آءِ پي پيز سان ڳالهين ۾ شامل نه هئا. ترجمان ٻڌايو ته ان ح??ال?? سان ميڊيا رپورٽن ۾ پيدا ڪيل ڪو به تا??ر گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد آهي.
مضمون کا ماخذ : ریل رش