راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) اُتر وزيرستان جي ضلعي جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن خلاف بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمدعلي شوڪت سميت پاڪ فوج جي ش??يد 6 جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت ش??يد (عمر 43 سال، رهواسي فيصل آباد)، لانس ??ائ??ڪ محمد الله ش??يد (عمر 29 سال، رهواسي خيبر)، لانس ??ائ??ڪ اختر زمان ش??يد (عمر 30 سال، رهواسي لڪي مروت)، لانس ??ائ??ڪ شاهد الله ش??يد (عمر 29 سال، رهواسي ٽانڪ)، لانس ??ائ??ڪ يوسف علي ش??يد (عمر 31 سال، رهواسي اورڪزئي) ۽ سپاهي جميل احمد ش??يد (عمر 26 سال، رهواسي سوات) گذريل ڏينهن دهشتگردن سان بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي، جن کي سندن اباڻن ڳوٺن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ سينيئر حاضر سروس فوجي آفيسرن، فوجي جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقن جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان جي شيهدن جون اهي قربانيون دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ ۾ ا??ان جي عزم ۽ حوصلي کي تقويت بخشين ٿيون.
اُتر وزيرستان ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت سميت پاڪ فوج جي شهيد 6 جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ