اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سيرت النبي جي روشني ۾ پاڪستان جي تعليمي نظام جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته تعليمي نظام ڪردارسازي، فني ترقي، روحاني ۽ اخلاقي قدرن ۽ صلاحيتن کي نکارڻ تي ڌيان ڏيڻ واري گهڻ رخي موقف تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار عيد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ منعقد سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آه??گي واري وزارت جي اهتمام هيٺ منعقد ان ڪانفرنس جو موضوع ”رياستي تعليمي نظام، رسول الله ﷺ جي تعليم جي روشني ۾“ چونڊيو ويو هو، جنهن ۾ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، مذهبي معاملن واري وفاقي سيڪريٽري ذوالفقار حيدر کانسواءِ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ عالم سڳورن، سفارتڪارن، منصفين ۽ محققن شرڪت ڪئي. نائب وزيرا??ظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تعليم جو مقصد رڳو مادي ڪاميابي نه آه?? پر روحاني واڌويجهه ۽ صلاحيتن کي نکارڻ جي لاءِ معاشري جي ڀلائي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو هوندو آه??. هن چيو ته پاڪستان ۾ تعليم جي نظام کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آه??. تعليمي ادارا ته موجود آه?? پر تربيت جي کوٽ آه??. ان ڳالهه جي سخت ضرورت آه?? ته تعليمي نظام جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ۽ ان کي سيرت النبي ﷺ جي روشني ۾ جوڙيو وڃي ته جيئن اسان جون نسلون نه رڳو علم ح??صل ڪري سگهن پر انهن جي تربيت به اسلامي اصولن موجب ٿئي. هن مذهبي معاملن واري وفاقي وزير کي تجويز ڏني ته هو اسلامي تعليم جي روشني ۾ ۽ عالم سڳورن جي تجويزن کي شامل ڪري تعليم واري وزارت سان گڏجي ان جو جائزو وٺي ۽ ضروري سڌارا ڪري. اسلام ۾ تعليم جي اهميت تي روشني وجهندي هن پهرين نازل ٿيندڙ قرآني آيت ”پڙهو پنهنجي رب جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو“ ۽ نبي ڪريم ﷺ جي ڪيترين ئي حديثن جو حوالو ڏنو. هن چيو ته تعليم ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آه??. علم انسان کي سٺي ۽ خراب ۾ تميز ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿو. هن چيو ته اسلام هر مسلمان تي علم ح??صل ڪرڻ فرض ڪيو آه?? ۽ ان ڏس ۾ رياست وسيلا فراهم ڪرڻ جي ذميوار آه??. هن چيو ته تعليم جي ذريعي انسان پنهنجي خدا طرفان ڏنل صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي ٿو ۽ معاشري جي واڌويجه?? ۾ ??رپور ڪردار ادا ڪري ٿو. اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته اسان جا تعليمي ادارا نه رڳو دنياوي علم ۾ وڌن پر انهن ۾ اسلامي اخلاقيات ۽ روحانيت جو پڻ اهم ڪردار هجي. اسحاق ڊار سوشل ميڊيا ۽ ٻيا جديد مواصلاتي ذريعا متعارف ٿيڻ کانپوءِ معاشري خاص طور تي نوجوان نسل جي اخلاق تي ان جي منفي اثرن تي ڳالهائيندي چيو ته عالم سڳورن، تعليمي ماهرن ۽ اسان سڀني جي ذميواري آه?? ته ان صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ نوجوان نسل جي اخلاق کي سنوارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. هن چيو ته سماجي انصاف اسلامي تعليمي نظام جو هڪ اهم جز آه??، ان لاءِ اسان جي تعليمي نظام کي انهن قدرن کي فروغ ??يڻ گهرجي ۽ شاگردن کي مستقبل جا اڳواڻ بڻجڻ جي لاءِ پرواه چاڙهڻ گهرجي. محمد اسحاق ڊار ملڪ ۾ مذهبي ۽ موجوده تعليمي نظام جي وچ ۾ ورڇ تي پڻ روشني وجهندي چيو ته اسان هڪ متحد ۽ ٺوس تعليمي نظام تحت دين ۽ دنيا ٻنهي علمن جي بهتر تعليم ڏئي سگهون ٿا. هن پاڪستان کي معاشي طاقت بڻائڻ جي ڪوششن تي زور ڏيڻ سان گڏوگڏ جديد فني تعليم سان ان فرق کي پورو ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. ان موقعي تي نائب وزيرا??ظم نبي ڪريم ﷺ جي حيات طيبه ۽ تعليم تي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ڪتابن جي بهترين ليکڪن سان گڏوگڏ حمد ۽ نعت ۽ ڪانفرنس جي موضوع جي مناسبت سان مقالن تي انعام پڻ ورهايا.
سيرت النبي جي روشني ۾ پاڪستان جي تعليمي نظام جو نئين سر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا