اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطالله تارڙ چيو آهي، ته ڪنهن خاص شخص لاءِ قانون سازي ج?? تاثر ??لط آهي، تجويز ڪيل قانون سازي وسيع تر عوامي مفاد لاءِ آهي، اجتماعي سوچ سان اڳيان وڌي رهيا آهيون. پا??لي??مينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوام کي فوري انصاف جي فراهمي لاءِ گهڻي دير کان سڌارن جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي، ان حوالي سان قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته اهو تاثر ??لڪل غلط آهي ته ڪنهن خاص شخصيت لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي، تجويز ڪيل قانونسازي وسيع تر عوامي مفاد لاءِ آهي. هن چيو ته ڪيسن کي اڪلائڻ ۾ ڪيترائي ڏهاڪا لڳي ويندا آهن، عوام کي سندن چانئٺ تي سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي اسان جي ترجيح آهي. هن چيو ته خصوصي پا??لي??ماني ڪميٽي ج?? اجلاس جاري آهي ۽ حڪومتي اتحادي گڏجي ويٺا آهن. بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسحاق ڊار چارٽر آف ڊيمو ڪريسي ج?? ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته اهي معاملا قومي نوعيت جا آهن ۽ انهن سان پوري قوم کي فائدو پهچڻ گهرجي، ڪيترائي ڀيرا ڪاز لسٽ جاري ناهي ٿيندي، نوٽيس ناهن ڏنا ويندا ۽ آرڊر جاري ٿي ويندا آهن، ان حوالي سان توازن برقرار رکڻ جو نظام هئڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته ڪابينه جا ميمبر موجود آهن?? ترميم سان پوري قوم جو فائدو ٿيڻ گهرجي، اجتماعي سوچ سان اڳيان وڌي رهيا آهيون. هڪ سوال جي ج??اب ۾ وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميم لاءِ پراميد ۽ پرعزم آهيون، نمبر گيم جو ڪو به مسئلو نه ٿيندو. مولانا فضل الرحمان اسان جو پراڻو اتحادي ۽ ساٿي آهي، سٺيون خبرون اينديون.
ڪنهن خاص شخصيت لاءِ قانونسازي جو تاثر غلط آهي، تجويز ڪيل قانون سازي عوامي مفاد لاءِ آهي: وفاقي وزير عطاالله تارڙ
مضمون کا ماخذ : números quina hoje