اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سامونڊي الودگي ۽ موسمياتي ت??دي??ي جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سامونڊي ماحولياتي نظام ۽ سامونڊي علائقن جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته سامونڊي آلودگي پاڪستان جي لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ڇو ته اها آبي حيات کي منفي طور تي متاثر ڪري رهي آهي ۽ ان سان ماهيگيري جي شعبي جي واڌويجهه ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي پاڪستان جي دوري تي آيل س??ڪر??ٽري جنرل آرسينيو انتونيو ڊيومنگيوز ويلاسڪو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، موسمياتي ت??دي??ي ۽ ماحولياتي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر شيري رحمان ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. صدر آءِ ايم او جي س??ڪر??ٽري جنرل جي آجيان ڪندي چيو ته بليو اڪانومي تي ڌيان ڏيڻ پاڪستان جي ترقياتي حڪمت عملي جو اهم جز آهي ڇو ته پاڪستان خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت ماهيگيري ۽ شپ بريڪنگ جي شعبن کي جديد بڻائڻ جو خواهشمند آ??ي. ??ن چيو ته پاڪستان موسمياتي ت??دي??ي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي، پاڪستان پنهنجي سامونڊي ماحولياتي نظام کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ هو آءِ ايم او جي مدد ۽ مهارت جي آجيان ڪندو. هن چيو ته موسمياتي ت??دي??ي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سنڌ ۾ هڪ ملين ايڪڙ تي تمر جا ٻيلا هنيا آهن، عالمي م??رڪ??ٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽ وڪرو ڪيا آهن جڏهن ته وڌيڪ 20 لک ايڪڙ زمين تي تمر جا ٻيلا هڻڻ جو منصوبو جاري آهي. صدر چيو ته پاڪستان موسمياتي ت??دي??ي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻي رهيو آهي، پاڪستان سامونڊي ماحولياتي نظام جي بهتري جي لاءِ آءِ ايم او جي مدد جي آجيان ڪندو. هن چيو ته بليو اڪانومي تي ڌيان ڏيڻ پاڪستان جي ترقياتي حڪمت عملي جو اهم جز آهي، پاڪستان ماهيگيري ۽ شپ بريڪنگ جي شعبن کي جديد بڻائڻ جو خواهشمند آهي. صدر آءِ ايم او جي ضابطن ۽ معيارن تي عمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان آءِ ايم او سان مختلف شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي. ان موقعي تي انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي س??ڪر??ٽري جنرل چيو ته پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ وڏي صلاحيت موجود آ??ي. ??ن چيو ته آءِ ايم او پائيدار ۽ موثر سامونڊي انڊسٽري جي فروغ ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. صدر موثر ريگيوليٽري فريم ورڪ جو مشن اڳتي وڌائڻ جي لاءِ س??ڪر??ٽري جنرل جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو.
سامونڊي آلودگي پاڪستان جي لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن