اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ ??ين جي ڪاميابي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آ??ي، گوادر فري زون ۾ بنيادي سهولتن ??ي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چيئرمين زهانگ بن جي قيادت ۾ چيني ڪمپني هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري کي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته منهنجي ??ين جي تازي دوري دوران پاڪستان ۽ ??ين جي ڪمپ??ين جي وچ ۾ وڏي پئماني تي بزنس ٽو بزنس معاهدا طئي ٿيا جيڪا انتهائي خوش آئنده ڳالهه آهي. هن چيو ته پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ ??ين جي ڪاميابي مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. وزيراعظم گوادر پورٽ اٿارٽي کي چيني ڪمپ??ين کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ ۽ گوادر فري زون ۾ يوٽيلٽيز جي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وفد وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني پاڪستان ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، دوائن ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آ??ي، هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني 50 ملين ڊالر جي لاڳت سان گوادر ۾ جديد سهولتن ??ان ليس ڪوس گهر (سلاٽر هائوس) تعمير ڪري رهي آ??ي، ڪوس گهر جي تڪميل سان پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ جي شعبي سان ??ين کي 30 ملين آمريڪي ڊالر تائين ساليانو جي برآمدات ٿيندي، ڪوس گهر ۾ مقامي ماڻهن جي لاءِ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ نئين نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هينگينگ ٽريڊ ڪمپني فارماسيوٽيڪل مصنوعات کي گوادر فري زون ۾ پراسيس ڪ??ي ??ين کي برآمد ڪري رهي آهي. ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو ??فاقي وزير احد خان چيما، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو ??فاقي وزير راڻا تنوير حسين، ناڻي وارو ??ملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ چين جي ڪاميابي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، گوادر فري زون ۾ بنيادي سهولتن جي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائي وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ