اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عمان ۾ امام بارگاهه علي بن ابو طالب تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي چي?? آهي ته پاڪستان سلطنت عمان سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ جاچ ۾ مڪمل معاونت جي آڇ ڪري ٿو. ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن ع??ان ۾ امام بارگاهه علي ابن طالب تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي جنهن ۾ 4 پاڪستانين سميت ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون. هن چي?? ته منهنجون همدرديون متاثر خاندانن سان گڏ آهن، مون پاڪستاني سفا??تخ??ني کي هدايت ڪئي آهي ته هو زخمين جي هر ممڪن مدد يقيني بڻائي ۽ اسپتال جو پاڻمرادو دورو ڪري زخمين جي سارسنڀال ڪري. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان سلطنت عمان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ ان ڏس ۾ جاچ ۾ پنهنجي مڪمل معاونت جي آڇ ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی