شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? چين جو پنهنجو 5 ڏينهن جو تاريخي ۽ ڪامياب دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو ٿي ويو، پاڪستان رواني ٿيڻ وقت شانسي صوبي جي نائب گورنر ڇَن ڇُن جيانگ، اعليٰ چيني ۽ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميديا و??گ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جو 5 ڏينهن جو چ??ن جو دورو پاڪستان ۽ چ??ن جي لاڳاپن جي مضبوطي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات جي حوالي سان اهم سنگ ميل ثابت ٿيو. دوري جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته تازو چ??ن جو دورو پاڪستان ۽ چ??ن جي ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئ??ن جهت جو اضافو آهي. چيني قيادت شي جن پنگ ۽ پريميئر لي ڪي ڪيانگ جو مهمان نوازي تي دل سان ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۽ چ??ن جي دوستي لازوال ۽ بي مثال آهي. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت چيني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جي پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ٿي، چ??ن جي انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي قابل تقليد آهي. وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي اقتصادي حصيداري سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. تازي چ??ن جي دوري دوران ٿيندڙ مثبت اڳڀرائي جا اثر ڊگهي مدي تائين رهندا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جو 5 ڏينهن جو تاريخي ۽ ڪامياب دورو مڪمل ڪري پاڪستان روانو
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات