اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمني سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده س??ح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اض??في جا وسيع امڪان موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي جمهوريه جرمني جي سفير ايمبيسڊر الفريڊ گراناس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??نه??جي ٻيهر چونڊجڻ تي جرمن چانسلر اولاف شولز جي مبارڪباد واري پيغام تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جرمني سان ??نه??جي پراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ان کي يورپ ۾ ??نه??جو هڪ اهم حصيدار تصور ڪري ٿو. وزيراعظم ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده س??ح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ جرمن سيڙپڪاري ۾ اض??في جا وسيع امڪان موجود آهن. وزيراعظم واپاري وفد پاڪستان موڪلڻ جي قدم جي آجيان ڪئي ۽ جرمن سفير کي يقين ڏياريو ته وفد جي دوري جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر طرح جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن جرمن چانسلر کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. جرمن سفير چيو ته جرمني ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ مضبوطي جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران جرمني سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موجوده سطح کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری