اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار کي جمهوريه چيڪ جي پرڏيهي وزير جان ليپاوسڪي ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ ??ي وچ ۾ ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائ?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ايندڙ سال پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ ??ي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جو ذڪر ڪندي واپار، سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام ??ي وچ ۾ مٽاسٽا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏي?? جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي رابطن ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌ??ئڻ تي اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان