اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پ?? پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلري جو دورو ڪيو ۽ صحافين مان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪ??مت آئين ۽ قانون ت??ت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون آهن. هن چيو ته صحافي ملڪ ۾ ??مه??ريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو اهم ٿنڀ آهن، صحافي معاشري جي لاءِ هڪ آئينو آهن، اهي عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪن ٿا. هن چيو ته نگران حڪ??مت اظهار راءِ جي آزادي جي تحفظ جي لاءِ پڻ قدم کنيا. ان موقعي تي صحافين پريس گيلري جو دورو ڪرڻ تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جا ٿورا مڃيا. هنن مرتضيٰ سولنگي جي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير جي حيثيت سان نگران حڪ??مت جي دور ۾ ڪردار کي پڻ ساراهيو.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جو پارليامينٽ هائوس جي پريس گيلري جو دورو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز